خادم حسين سمو

خادم حسين سمو (راڳي): فنڪار خادم حسين ولد قرب علي سمو، 1971ع ڌاري ڳوٺ ماڙي، تعلقي موري ۾ ڄائو ورتو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري مان مئٽرڪ ۽ مهراڻ ڪاليج موري مان انٽر ڪيائين. کيس اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڳائڻ جو شوق هوندو هو ۽ اسڪول جي ڪيترن پروگرامن ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. انٽر ڪرڻ کانپوءِ استاد امانت علي خان جي شـاگـردي اخـتـيـار ڪـري راڳ جـي سـکـيـا ورتـائـيـن. هـن وقـت تـائـيـن شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ سچل سرمست جي ميلن ۽ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي. وي سميت اڪثر سنڌي چينلن تي ڳائي رهيو آهي. سندس ڪافي ڪيسٽون به جاري ٿي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو